تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

مولانا فضل الرحمان اسلام آباد اچي رهيو آهي، عمران خان برياني تيار ڪرائي، پ پ به اهو قدم کڻي سگهي ٿي:بلاول پاران آزادي مارچ جي حمايت جو اعلان

پ پ اڳواڻ آزادي مارچ جي آجيان ڪرڻ سان گڏ سهڪار به ڪندا، حڪومت سمورا آپشنز بند ڪندي پئي وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

ڪارساز سانحي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويندو، ايندڙ مهيني پنجاب ۾ انٽري هوندي: بلاول جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته ڌرڻي لاءِ ڪنٽينر ۽ کاڌو به ڏيندو، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد اچي رهيو آهي، وزيراعظم برياني تيار ڪرائي. اڄ مولانا فضل الرحمان اهو قدم کنيو آهي، سڀاڻي پيپلزپارٽي به اهو قدم کڻي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي آزادي ناهي رهي، جمهوري حق پائمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪارساز سانحي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويندو. بلاول چيو ته ايندڙ مهيني پنجاب ۾ انٽري ڏينداسين. جموري حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سنڌ سرڪار آزادي مارچ دوران سهڪار ڪندي، پ پ اڳواڻ سهڪار سان گڏ مارچ جي آجيان به ڪندا. بلاول چيو ته عام ماڻهو مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، گئس ۽ بجلي سميت هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته اسان کي ڌرڻي واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان فيصلو ڪري چڪو آهي ته “ جينا هوگا، مرنا هوگا، ڌرنا هوگا، ڌرنا هوگا. بلاول چيو ته عمران خان چوندو هو ته ڌرڻي لاءِ هو ڪنٽينر سان گڏ کاڌو پيتو به ڏيندو، هاڻي عمران خان برياني تيار ڪرائڻ شروع ڪري، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد اچي رهيو آهي. بلاول چيو ته حڪومت آپشنز بند ڪندي پئي وڃي، اڄ مولانا فضل الرحمان اهو قدم کنيو آهي، سڀاڻي پيپلزپارٽي به اهو قدم کڻي سگهي ٿي. پ پ چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت جي جمهوري روايت ناهي رهي، تنهنڪري تنقيد برداشت نه ٿي ڪري.

Bookmark the permalink.