تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي اخلاقي حمايت ڪنداسين: بلاول ڀٽو طرفان ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان: ڪراچي ڪميٽي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش قرار

مولانا فضل الرحمان پاڻ اسلام آباد ڌرڻي جو اعلان ڪيو، پ پ ڌرڻا سياست ۾ ناهي رهي

جي ڊي اي ۽ ڪٺ پُتلي اتحاد جي منشور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ شامل هو: بلاول ڀٽو

ٿاڻو بولا خان (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اسلام آباد ڌرڻي جي حوالي سان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي سِر اعلان ڪيو هو، پيپلز پارٽي سندس ڌرڻي جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت ڪندي.
ٿاڻو بولا خان ۾ پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت ڪميٽي پويان ڪمٽي ٺاهي ڊرامي بازي بند ڪري، ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي غير آئيني آهي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ ڪٺ پُتلي اتحاد جي منشور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڳالهه هئي، ڪراچي ڪميٽي جو قيام به اُن سلسلي جي ڪڙي آهي.
مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد واري ڌرڻي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته مولانا فضل الرحمان پهرين پاڻ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي حوالي سان اعلان ڪيو هو. پيپلز پارٽي ڌرڻا سياست ۾ نه رهي آهي. تنهن ڪري مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.