تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

موسمياتي تبديلي موهن جي دڙي کي تباهه ڪيو: تحقيق

نيو يارڪ (دلچسپ نيوز) ماهر ڊگهي وقت کان ان مفروضي تي غور ڪري رهيا آهن ته شايد آب هوا ۾ تبديلي سان موهن جو دڙو ۽ ان سان واڳيل ماٿري جي تهذيب جو خاتمو ٿيو جڏهن هاڻي اهڙي مفروضي جا رياضياتي ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. روچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي رياضي دان نشانت ملڪ پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي ته مون سون جي وقتن ۾ تبديلي سان سوڪهڙي جو راڄ قائم ٿيو ۽ برونز ايج جي شاندار تهذيب 3000 سال اڳ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. نشانت اتر ڀارت جي هڪ غار ۾ ڦٽل معدن “اسٽيلگمائٽ” جي هم جا (آئسوٽوپ) جو جائزو ورتو آهي. هن طريقي مان پتو پوي ٿو ته وقت سان گڏوگڏ هڪ مقام تي ڪيتري برسات پئي هوندي. اهڙي ريت گذريل 5700 سالن ۾ مون سون برساتن جو مڪمل احوال ڄاڻيو ويو. نشانت ملڪ جي تحقيق ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته جڏهن سنڌ جي تهذيب عروج تي هئي ته ان وقت مون سون برساتن جو رجحان هو پر جڏهن ان جو زوال شروع ٿيو، ان ئي دور ۾ مون سون جو دور تبديل ٿيڻ لڳو. ان کانپوءِ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي، فصل سڪي ويا ۽ اهڙي ريت تهذيب ختم ٿي وئي. نشانت ٻڌايو ته جڏهن اسان ڊيٽا ذريعي قديم آب هوا جو جائزو وٺون ٿا ته اهو مختصر وقت لاءِ هوندو آهي ۽ ان ۾ غير يقيني هوندي آهي، ان جي ابتڙ اسان رياضي ۽ موسمياتي تبديلي تي تحقيق ڪئي آهي. هي هڪ نئون طريقو آهي جنهن ۾ مختصر وقفي لاءِ موسمياتي تبديلين جو جائزو ورتو ويو آهي. نشانت الگورٿم تي ٻڌل مشين لرننگ ۽ انفارميشن ٿيوري کي به نظر ۾ رکيو آهي. ان سان موسمياتي رڪارڊ جي گم ٿيل گوشن جو پتو لڳايو ويو آهي. ان کانسواءِ موسمياتي امڪانن تي به غور ڪيو ويو آهي پر اسٽيلگمائٽ جو رڪارڊ به ايترو سٺو ناهي هوندو ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ مون سون جي صورتحال کي اجاڳر ڪندو آهي. هڙپه ۽ موهن جو دڙو ڏکڻ ايشيا جي قديم تهذيب ۾ شامل آهن جن جو مقابلو مصري ۽ ميسوپوتيميا آثارن سان به ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي عروج جي دور ۾ هي تهذيب 1500 ڪلوميٽر تائين وسيع ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه شهرن جي آبادي 60 هزار ماڻهن کان به وڌي چڪي هئي پر گهڻي اسرار سان گڏوگڏ موهن جو دڙو ۽ هڙپا جا ٻه اهم راز هيل تائين فاش نه ٿي سگهيا آهن جن ۾ انهن جي ٻولي ۽ علامتن جو مطلب ڄاڻڻ ۽ پاڻ هن تهذيب جو زوال شامل آهي. جديد تحقيقن موجب ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ آهن ته هي ماٿري اوچتي تباهي موسمياتي نظام سبب ٿي هئي.

Bookmark the permalink.