تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

موري ڀرسان ٽول پلازه عملي جي عورتن سوڌو ڳوٺاڻن تي تشدد خلاف ڌرڻو: قومي شاهراهه بند

نورپور کان مورو ڄڃ ويندڙ ٽرئڪٽر ٽراليءَ جي ڊرائيور سان عملي جو جهيڙو

مسافرن تي لٺين سان تشدد ڪيو ويو: ڳوٺاڻن طرفان ڪارروائي جو مطالبو

مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان قومي شاهراھ تي قائم مورو ٽول پلازه وٽ چانڊيا برادري جي ڄڃ تي ٽول پلازه جي عملي جو ٽيڪس ادا ڪرڻ باوجود تشدد، متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو، نور پور کان مورو ڄڃ کڻي ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور سان عملي جي مُنھن ماري ٿي پئ، عملي پاران گارگند ڪرڻ دوران جھيڙو ٿي پيو، ٽول عملو لٺيون کڻي نڪري آيو، مسافرن، ڄاڃين ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، متاثرن ڊاڪٽر رحمت چانڊيو، اصغر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، راهب چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، هنن دانهيو ته اسان نورپور کان مورو طرف اچي رهيا هئاسين ٽول ٽيڪس ڏيڻ باوجود به عملي پاران اسان مٿان تشدد ڪيو ويو آھي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، هي ڪٿان جو انصاف آهي، ٻئي پاسي پوليس ۽ موٽروي آفيسر پهتا، جن ڌرين سان ڳالهيون روڊ کولرايو.

Bookmark the permalink.