تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

مورو ۾ 11 هزار وولٽيج جي تار ٻيهر ٽٽي پئي، مظاهرو، ڌرڻو

مورو (ن پ ا) مورو شھر جي درس روڊ تي رات جو ڳنڊيل يارنھن ھزار ووالٽيج جي تار ٻيھر اچانڪ ڌماڪي سان ٽٽي پئي جنھن دوران شھرين دڪاندارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنھن بعد درس روڊ جي رھواسين دڪاندارن سياسي سماجي ڌرين چوھاڻ برادري جي ماڻھن احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ واپڊا سيپڪو خلاف ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو. جنھن جي اڳواڻي غلام شبير چوھاڻ، دُر محمد، شاھد علي، امتياز سھتو، بشير احمد، ايوب جيسر، ميھر علي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته مورو شھر جي درس روڊ تي يارنھن ھزار جون تارون ڪيترائي ڀيرا ڪري پيون آھن پر واپڊا سيپڪو ڪو به ڌيان نه ٿي ڏئي، جڏھن ته ٻه ڏينھن اڳ ساڳي تار ڪِرڻ سبب پورھيت نوجوان گل حسن عرف ڏاڏو چوھاڻ فوت ٿي ويو ھو ۽ اسان مورو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو جتي واپڊا سيپڪو تارون تبديل ڪرڻ جو چيو ۽ لکي پڻ ڏنو پر ان جي باوجود تارون تبديل نه ڪيون ويون ۽ اڄ وري تار ڪِري پئي آھي اھو سلسلو ھاڻي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو. ان دوران واپڊا سيپڪو انجنيئر مورو مظفر کھاوڙ، ايس ڊي او مورو جھنڊو خان جمالي، اڳوڻو ايس ڊي او اسد ميمڻ ۽ ٻين مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪيون ۽ تارون تبديل ڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ واپڊا سيپڪو سکر چيف خالد حسين ڀٽي، انجنيئر سيپڪو مورو مظفر حسين کھاوڙ، ايس ڊي او عملي سان گڏجي نو کنڀن جون يارنھن ھزار ووالٽيج جون تارون تبديل ڪيون ويون، جنھن تي درس روڊ جي رھواسين خوشي جو اظھار ڪيو. ھوڏانھن مورو شھر جي ٻين علائقن جي رھواسين مطالبو ڪيو ته اسان جي پاسي واريون تارون بهتبديل ڪيون وڃن ته جيئن وڏي جاني مالي نقصان کان بچي سگھجي.

Bookmark the permalink.