تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

مورو ۾ ڪلهوڙا برادريءَ جا سوين ماڻهو اين پي پي ڇڏي پ پ ۾ شامل

مورو(ن پ ا) مورو جي ڪلھوڙا برادري جي سوين ماڻھن ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو، وڪيل محمد سليمان ڪلھوڙو، لطف الله ڪلھوڙو، نھال خان ڪلھوڙو سميت ٻين اين پي پي جتوئي گروپ ۾ 50 سالن کان گڏ رھڻ کان پوءِ کيس پارٽي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ھڪ تقريب نوراني ڪالوني ڪلھوڙا ھائوس مورو ۾ صوبائي وزير ۽ پ پ ڊويزنل صدر شھيد بينظير آباد ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ۾ ٿي گذري جتي ڪلھوڙا برادري جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو ته پ پ غريبن ۽ مسڪينن جي پارٽي آھي، جيڪا ڏينھون ڏينھن مقبوليت ماڻي رھي آھي ڪيترائي ماڻھو ٻيون پارٽيون ڇڏي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھن ۽ ڪلھوڙا برادري جيڪا پنجاھ سالن کان جتوئي گروپ سان گڏ ھئي جنھن ھنن کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪئي آھي ۽ کيس پوري برادري جو اسان آڌر ڀاءُ ڪيون ٿا. جڏھن ته ڊاڪٽر اسدالله ڪلھوڙو پنھنجي ڀائرن برادري سميت جي ڊي اي جتوئي گروپ کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

Bookmark the permalink.