تازا ترين
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مورو ۾ لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو مظاهرو، بک هڙتال

مورو (ن پ ا) مورو ۾ واپڊا سيپڪو مورو پاران بجلي جي غير قانوني لوڊشيڊنگ، سڙيل بجلي جا ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ، ڊڊيڪشن بل موڪلڻ ۽ ٻين ناجائزين خلاف آل پارٽيز شھري اتحاد ۽ سياسي سماجي ڌرين دڪاندارن مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي، جنھن جي اڳواڻي اسلم ڪوريجو، محمود اعواڻ، سيد ڪوڙل شاھ، بدر الدين ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو ته انجنيئر واپڊا سيپڪو مورو بلاجواز 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رھيو آھي جڏھن ته شھر جي مختلف ھنڌن تي 25 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر سڙيل آھن جيڪي ھن وقت تائين تبديل ناھن ڪيا ويا جنھن ڪري مورو شھر سميت دڪاندارن طبقو ۽ ٻھراڙي جي عوام سخت پريشاني مبتلا آھي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آھي ھنن وفاقي حڪومت، پاڻي ۽ بجلي جي وزير ۽ واپڊا سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته واپڊا سيپڪو انجنيئر کي ھٽائي واڌو بل ختم ڪري فيڊر وڌائي ڪمپلين سينٽر قائم ڪري شھرين دڪاندارن کي بجلي جي سھولت ڏياري وڃي.

Bookmark the permalink.