تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

مورو ۾مبينا زهريلي دوا پي آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش وصول ڪرڻ تان ناريءَ جي وارثن ۽سندس ساهرن وچ ۾ ڇڪتاڻ

پوليس ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

مون نُنهن تي نه تشدد ڪيو نه ئي زھر ڏئي ماريو آھي: پٺاڻ ماڇي

مورو (ن پ ا) مورو ۾مبينا زهريلي دوا پي آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش وصول ڪرڻ تان ناريءَ جي وارثن ۽سندس ساهرن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. شهر جي نوراني ڪالوني ۾ مبينا زھريلي دوا پي خودڪشي ڪندڙ ناري ياسمين جو لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وصول ڪرڻ واري معاملي تان تعلقي اسپتال ۾ناريءَ جي وارثن ۽ ساهرن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. ان موقعي تي عورت جي ڀائرن الزام هنيو ته هنن جي ڀيڻ کي سندس سُهري تشدد ڪرڻ بعد زھر ڏئي قتل ڪيو ۽ ڪوڙو ڊرامو ٺاھي چيو ته ياسمين ٻارن جي ڳالھه تان ڪاوڙ ۾اچي زھر پي آپگهات ڪيو. ھنن جو چوڻ هو ته ڀيڻ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ هو اسپتال کڻائي آيا، پوسٽ مارٽم کان پوءِ ھاڻي هنن کي پنھنجي ڀيڻ جو لاش نه ٿو ڏنو وڃي. الزام ھيٺ آيل پٺاڻ ماڇي جو چوڻ هو ته هُن پنهنجي نُنهن تي نه تشدد ڪيو نه ئي زھر ڏئي ماريو آھي، الزام ڪوڙا آهن، ياسمين پاڻ ٻارن جي ڳالھه تان ڪاوڙ ۾ اچي زھر پي خودڪشي ڪئي، ڀل معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي. اسپتال ۾لاش جي وصوليءَ تان عورت جي ڀائرن ۽ ساھرن ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ برادريءَ جي چڱن مڙسن ٻنھي ڌرين کي اعتماد ۾ آڻي لاش وارثن حوالي ڪيو، جيڪي عورت جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا..

Bookmark the permalink.