تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

مورو ڀرسان ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي، مبينا تشدد ۾ هڪ ڄڻو فوت، احتجاج

ڳوٺ وارھ جا ٻرڙا تي پوليس چڙهائي ڪئي، تشدد ۾ محمد يوسف کوسو فوت

مورو( پ ا ن ) مورو ويجهو نوان جتوئي جي ڳوٺ وارھ جا ٻرڙا ۾ رات دير سان مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي دوران ٽن ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ دوران پوليس جي تشدد ۾ هڪ ڄڻو محمد يوسف کوسو فوت لاش رستي ۾ فٽو ڪري سندس ڀاءُ هدايت الله کوسو کي به ڇڏي باقي هڪ ڄڻي معشوق کوسو کي کنڀي کڻي وئي پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ۽ تشدد ۾ فوت ٿي ويل عمل خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس اسان جي گهرن مٿان بنا جواز چڙهائي ڪئي آهي اسان مٿان ڪو به ڪيس ناهي نه اسان ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهيون پوليس اسان جي نوجوان کي تشدد ڪري ماريو آهي. ڊي ايس پي مورو جو چوڻ هو ته اسان جي ٿاڻن جي پوليس ناهي نه وري اسان وٽ ڪا انٽري ڪرائي وئي آهي خبر ناهي ڪهڙي ٿاڻن جي پوليس هئي

Bookmark the permalink.