تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مورو قومي شاهراهه ويجهو موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت، هڪ زخمي

مورو (ن پ ا)قومي شاھراھ ٽول پلازه ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سامھون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ ڳوٺ قاسم کاھي جا رھواسي ٻه ڄڻا محمد سولنگي ۽ وسيم سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويا۽ محمد ذائق سولنگي زخمي ٿي پيو. فوتين ۽ زخمي مورو موٽروي ۽ درس پوليس کڻائي مورو اسپتال منتقل ڪيا جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. جنھن دوران زخمي جي حالت نازڪ ھجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ اسپتال موڪليو ويو. فوتين جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش ڳوٺ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ان سلسلي م ايس ايڇ او درس محمد خان ابڙو ٻڌايو ته حادثو ۾ فوت ٿيندڙن جي کيسي مان ڪچي شراب جون ٿيليون مليون آھن جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته نوجوان نشي جي حالت ۾ ھيا.

Bookmark the permalink.