تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مورو: سيد محلي ۾ گهر جا تالا ٽوڙي قيمتي سامان چوري، چور فرار

مورو(ن پ ا) مورو شھر جي سيد محلا ۾ سوئي گيس مورو م ڊپٽي مينيجر مظھر علي ميمڻ جي بند پيل گھر جا تالا ٽوڙي گھر مان پيل سونا زيور، بانڊ، اڻ/ سبيل ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا جنھن جي اطلاع مورو پوليس کي ڏني وئي جنھن پھچي معلومات ورتي ان موقعي تي گھر ڌڻي مظھر علي ميمڻ چيو ته نامعلوم ماڻھو گھر مان سون جي زيورن جا به سيٽ جنھن جي ماليت لکين رپيا ٿيندي، ڏيڍ لک رپين جا انعامي بانڊ، اڻ سبيل ڪپڙا ء ٻيو سامان کڻي ويا آھن. ايس ايچ او چيو ته جلد چوري واپس ڪرائي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Bookmark the permalink.