تازا ترين
  • * حڪمرانن غريبن ۽ مسڪينن کي ملندڙ راشن ۽ ٻين سهولتن ۾ به ڪرپش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي:محمد حسين محنتي * هن ڏکئي وقت ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي جيڪا هن کي ڪرڻ گهرجي: جماعت اسلامي اڳواڻ *
  • *ڪراچي: 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 45نوان ڪيس آيا: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ۽ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا: ترجمان * ڪراچي ۾ هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان * ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو: سنڌ حڪومت جو ترجمان *
  • *جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي ملڪ ۾ هڪ مهيني لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي * جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال اڄ کان 6 مئي تائين رهندي: شنزو ايبي *ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ سبب ڪيو ويو: جاپاني وزيراعظم *جاپان ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٽوڪيو سميت ڪورونا وائرس متاثر رياستن ۾ لاڳو رهندي: جاپاني وزيراعظم * رياستن ۾ بنيادي معاشي سرگرميون جاري رهنديون، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سپر مارڪيٽ به کليل رهندا: پڌرنامو*
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا: عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين:وڏو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ سرحدن تي قرنطينه سينٽر ٺاهڻ ۽ مڪمل فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * تافتان، چمن ۽ طورخم وارن هنڌن تي قرنطينا سينٽر ٺاهيا وڃن، هي اهي داخلي رستان آهن، جتان وائرس داخل ٿيو آهي: چيف جسٽس *جيڪڏهن عدالتي حڪومت تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي: اسپتالن جي بندش واري ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس *
  • *پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس: خانگي ٽي وي چئنل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي ضمانت واري درخواست رد*
  • *پاڪستانين جي جلد واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون پيا: پرڏيهي وزير * اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان هن خطرناڪ وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي: شاهه محمود قريشي * هي وقت سڄي قوم لاءِ سخت امتحان آهي، انشاءَ الله اسان ايمان جي جذبي سان وبا کي شڪست ڏينداسين *
  • * کپرو لڳ ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو *. کاهي ڳوٺ رتو جوکيو ۾ غريب پورهيتن منگل ۽ پونيون ڪولهي جي گهرن کي بجلي جي تار مان باھ لڳي وئي * باهه سبب ڏهه مڻ ڪڻڪ، پنج مڻ سرنهن، چانديءَ جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو*
  • *سپريم ڪورٽ پاران انڊر ٽرائل قيدين جي ضمانت تي آزادي وارا هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5رڪني بينچ قيدين جي آزادي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌايو *
  • *ڪابل: طالبان قيدين جي آزادي ۾ دير تي افغان اختيارين سان ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون *ڪابل: طالبان پنهنجي قيدين جي سڃاڻپ ۽ تصديق لاءِ هڪ ٽيم ڪابل موڪلي هئي: افغان طالبان جو ترجمان *
  • *ڪراچي: اڄ هلندڙ سال ۾ چوٿون ڀيرو سپر مون ڏٺو ويندو: موسميات کاتو *معمول کان وڏو ۽ روشن چنڊ رات 7 لڳي 35 منٽ کان ڏٺو ويندو: موسميات کاتي جو ڊائريڪٽر * چنڊ زمين کان 3 لک 54 هزار 42ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندو: موسميات کاتو *
  • * برطانوي وزيراعظم بورِس جانسن ڪورونا وائرس جون علامتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ تي آءِ سي يو وارڊ منتقل * بورس جانسن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ تي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو: برطانوي خابرو ادارو *رات کان آءِ سي يو وارڊ ۾ هئڻ باوجود برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: خابرو ادارو * وقتي طور تي ڊومنڪ راب کي وزيراعظم جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون آهن: ڊائوننگ اسٽريٽ *
  • *پي ايم ڊي سي بحالي ڪيس: عدالت صحت واري وزارت، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي پي ايم ڊي سي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو*
  • *ڪورونا معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت درخواست اڪلائي ڇڏي *عدالت حمزه شهباز شريف پاران درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي *لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي *

مورو ريلوي اسٽيشن 24 ورهين کان بند، پليٽ فارم، آفيسن تي قبضا، گھر ۽ اسڪول ٺهي ويا

ريلوي اسٽيشن جي بڪنگ واري آفيس، ٽڪيٽ گھر، ڦاٽڪن جي ڪمرن تي به قبضا، در، دريون ۽ ٻيو قيمتي سامان به چوري ٿي ويو

ريلوي لوپ لائين ٽنڊو آدم کان ڀٽ شاھ، هالا،سعيدآباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، شاهپور جهانيان، مورو، مناهيُن تائين ويندي هئي

مورو: مورو ريلوي اسٽيشن تقريبن 24 سالن کان وٺي بند پيل آهي، جنهن ڪري ريلوي اسٽيشن جي بڪنگ واري بلڊنگ، ٽڪيٽ گھر سميت ريلوي جي ڪمرن، ڦاٽڪن تي ٺهيل ڪمرن ۽ پليٽ فارم تي قبضا ڪري گهر ۽ پرائمري اسڪولن جون بلڊنگون ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته ريلوي جي پٽڙين وارو لوھ ۽ دريون دروازا چوري ٿي وڪامجي ويا آهن. هوڏانهن ريلوي جي زمين ۽ اسٽيشن تي بنگلا، گهر ۽ دوڪان ٺهرائي ڪاروبار شروع ڪيا ويا آهن. هن ريلوي لائين کي لوپ لائين ڪري سڏيو ويندو هو. هن لوپ ريلوي لائين تي به گاڏيون هلنديون هيون. هي لوپ لائين ٽنڊو آدم کان شروع ٿيندي ڀٽ شاھ، هالا، سعيدآباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، نواب ولي محمد، دولتپور، شاهپور جهانيان، مورو، مناهيُن، نوان جتوئي، ٺارو شاھ، درٻيلو ۽ ڪنڊيارَي بعد پڊعيدن ۾ مين لائين سان وڃي ملندي هئي، ان لوپ ريلوي لائين جي ٺاروشاھ اسٽيشن جنگشن هئي، جتي ريل گاڏيءَ کي ڪوئلو ۽ پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو. هن لوپ لائين سان 24 سال اڳ سفري سهولتن سان گڏ وڻج واپار سميت، خط و ڪتابت پڻ واڳيل هئي. هيءَ اها اڪيلي سهوليت هوندي هئي جنهن سان عوام جو ڪار وهنوار هلندو رھندو هو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر مان سِيڌي جي سامان سميت ٻيا وکر خريد ڪري ان ريل گاڏيءَ ذريعي موڪلبا هئا ۽ اهو سامان دوڪاندار پنهنجي دڪانن تي کڻي وڪرو ڪندا هئا، مورو جي ريلوي لائين بند ٿيڻ جي ڪري انهن شهرن سان ريلوي رابطو ختم ٿي ويو، ڪاروبار سميت ٻين سھولتن ۾ تمام گھڻيون ڏکيائون سامھون اچڻ لڳيون آهن. سروي دوران معلوم ٿيو آهي ريلوي لائين تي ريل گاڏي ۽ بس جو حادثو ٿيو ھو جنھن ۾ 14 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا ء ڪيترائي زخمي ٿيا، ڪافي معزور اڄ به بڻيل آھن، جنھن کانپوءِ نواز ليگ جي حڪومت ۾ ريل گاڏي کي بند ڪيو ويو، جيڪا ھن وقت تائين شروع ناھي ٿي سگھي. موجوده ريلوي وزير شيخ رشيد بند پيل ريلوي لائينن کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي ريل گاڏي شروع ڪرڻ جو چيو هو، جنھن ۾ مورو جو پڻ ذڪر ڪيو آھي، پر اڃا ان تي عمل ناهي ٿيو، جنهن ڪري شهري ريلوي اسٽيشن بحال ٿيڻ لاءِ ڊگھو انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن.

Bookmark the permalink.