تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

مهوش حيات جي ڊانس ۽ لباس تي سوشل ميڊيا صارفين ڏمرجي پيا

ڪراچي (شوبز نيوز) هلندڙ سال تمغه امتياز ماڻيندڙ مشهور اداڪارا مهوش حيات ساٿي اداڪار احسن خان سان ستين هم ايوارڊز جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون. مهوش حيات موجب هن 5 سالن کانپوءِ احسن خان سان اسٽيج تي پرفارم ڪيو. ايوارڊ شو ۾ اداڪارا جي پرفارمينس تي گڏيل رد عمل سامهون آيو پر هاڻي مهوش حيات پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي اهڙي پرفارمينس کان اڳ ريهرسل جي وڊيو به شيئر ڪري ڇڏي. هن وڊيو جي سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪارا کي سندس لباس ۽ ڊانس سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن وڊيو ۾ مهوش حيات گلابي رنگ جي لباس ۾ نظر آئي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي صارفين مهوش حيات جيي لباس جي چونڊ سان گڏوگڏ ڊانس جي انداز تي به تنقيد ڪئي. هڪ صارف لکيو ته ڇا اهو معاملو پيمرا جي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي؟ جڏهن ته هن لکيو ته شرم اچڻ گهرجي، اوهان مسلمان آهيو، ڀارتين جي ڪاپي ڪرڻ بند ڪريو. ڪنهن ته وڊيو کي فحاشي جي مشهوري قرار ڏنو. هن صارف موجب کيس مهوش حيات مان اهڙي قسم جي اميد نه هئي. ان موقعي تي هڪ صارف احسن خان تي به تنقيد ڪئي ته هو اهڙي ڊانس به ڪري ٿو ۽ رمضان ٽرانسميشن جي ميزباني به. ڪجهه صارفين ٻنهي جي ڊانس کي پسند به ڪيو. هنن شو ۾ ٻين اداڪارن جي پرفارمينس جي واکڻ ڪندي وڊيو به شيئر ڪئي. سندن چوڻ هو ته مداح مهوش حيات کي بي حد پسند ڪن ٿا. خيال رهي ته ان کان اڳ ٻنهي 2013ع ۾ گڏ پرفارم ڪيو هو.

Bookmark the permalink.