تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مهانگائي جي شرح 9 ڏهائي 59 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي: شماريات کاتي پاران جاري انگ اکر

جون 2020 دوران مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي: شماريات کاتو

گذريل مالي سال دوران مهانگائي جي شرح 10 ڏهائي 74 سيڪڙو رهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گذريل مهيني مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي 82 سيڪڙو واڌ رڪارڊ، شماريات کاتي جون مهيني ۾ مهانگائيءَ جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل مهيني بيضا 21 ڏهائي 71، ٽماٽا 13 ڏهائي 9، ڪڻڪ جو اٽو 11 ڏهائي 92 ۽ ڀاڄيون 4 ڏهائي 5 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون، پٽاٽا 2 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ هڪ ڏهائي 21 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو به اعتراف، شماريات کاتي چيو آهي ته هڪ سال ۾ مهانگائيءَ جي شرح 8 ڏهائي 59 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هڪ سال ۾ پٽاٽا 72، مڱن جي دال 71 ۽ گئس جي اگهن ۾ 54 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، دال ماش 46، بيضا 11 ۽ اٽو 24 سيڪڙو مهانگو ٿيڻ جو به اعتراف، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.