تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

مني لانڊرنگ ڪيس: لاهور جي احتساب عدالت حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ م 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ريفرنس ڪيستائين داخل ڪرايو ويندو؟ عدالت جو سوال

عمران خان پاڪستان جي سياست مان جلد “ مائنس ” ٿيڻ وارو آهي:عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي احتساب عدالت حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ م 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت پراسڪيوٽر کان سوال ڪيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ريفرنس ڪيستائين داخل ڪرايو ويندو؟، جنهن تي پراسڪيوٽر چيو ته حمزه شهباز کان ضروري جاچ هلي رهي آهي، مڪمل ٿيڻ تي ريفرنس داخل ڪرايو ويندو، ٻئي پاسي ن ليگ جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان کي برداشت ڪرڻ ناقابل برداشت ٿي ويو آهي، عمران خان پاڪستان جي سياست مان جلد “ مائنس ” ٿيڻ وارو آهي، ضمير وڪرو ڪندڙ سياستدان پنهنجي نئين پناهگاهه ڳولي رهيا آهن، هن چيو ته چوڌري سرور صاحب اوهان جي قلعي جون ڀتيون ايتريون مضبوط ناهن.

Bookmark the permalink.