تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

منهڙو ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

منھڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان يوسي ساوڙي جي ڳوٺ شادي خان جمالي جي برسات متاثرن پاران برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف متاثرن جو رئيس شادي خان جمالي، احسان جمالي، پرويز جمالي، حاجي نصرالله ڪيريو، امام بخش لغاري، شاھن گاڏھي، شاھ جھان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پير شھير چندا سنگهه روڊ تي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي شھيد بينظير آباد جي انتظاميا خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھرين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته فوري طور اسان جي ڳوٺ مان برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.