تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

منهڙو ۾ ٻوڏ متاثرن پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

منهڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان ديهه آباد ڪھڪاٽ جي 10 ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ عبدالحق ڏاھريم ڳوٺ عبدالمجيد ڏاھري، ڳوٺ حاجي جيئڻ ڏاھري، حاجي وارث سياڻو، خان محمد بخش ڏاھري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برسات متاثرن جي واھر نه ٿيڻ ۽ برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رھواسين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرو ڪندڙن ڪامريڊ عبدالحق ڏاھري، انور ڏاھري، جمعدار لونگ خان، سانول ڏاھري ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل ويھن ڏينھن کان برسات جو گندو پاڻي اسان جي گھرن ۾ بيٺل آھي جنھن سبب اسان جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، زھريلن مڇرن سبب خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي. ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته متاثر ڳوٺن کي فورن آفت سٽيل قرار ڏئي ھتي ھن علائقي ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن ۽ مڇر مار اسپري ڪرائي وڃي. ڄاڻايل ڳوٺن مان گندو ۽ زھريلو پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.