تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

ميرپورخاص ۾ پورهيت سڙي زخمي، سالي تي باهه ڏيڻ جو الزام

ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص ۾ پنجاب واسي پورهيت کي مبينا طور سالي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، حيدرآباد ريفر. چڪوال واسي پورھيت محمد مسعود ملڪ کي ميرپورخاص جي ڀانسنگ آباد گلي نمبر چار ۾ سندس سالي ڪاشف رضا مبينا طور پيٽرول ھاري باهه ڏئي ڇڏي. پورھيت جو جسم 50 سيڪڙو سڙي ويو، زخمي کي سٽلائيٽ ٽائون کڻي سول اسپتال پھچايو ويو، جتي طبي امداد ڏئي کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. سالي ۽ ڀيڻوي ۾ زخمي پورھيت جي زال پاران خلع وٺڻ بعد تڪرار ھلندڙ ھو. زخمي محمد مسعود ملڪ الزام هنيوته هو پنهنجي رٺل گهرواري کي وٺي وڃڻ لاءِ سالي جي گهر ويو، جتي سالي کيس ڀيڻ کي طلاق ڏيڻ لاءِ زور ڀريو، طلاق نه ڏيڻ تان ڪاشف مٿس پيٽرول هاري باهه ڏني. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو پراڻو هلندڙ آهي، زخمي شخص پنهنجي زال کي اڳ ۾ طلاق ڏئي چڪو آهي، تنهن باوجود پيٽرول وٺي سندن گهر ويو. جتي زال کي چيائين ساڻس گڏ نه ٿي هلين ته پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏيندس، جنهن بعد هن پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.



Bookmark the permalink.