تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

”منهنجي اڳوڻي زال سان ڇو شادي ڪيئي“ ڏهرڪي ۾ جوابدارهمراهه کي گولي هڻي ڇڏي

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ جوابدار اڳوڻي زال سان شادي ڪرڻ تان همراهه کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار حميد شيخ اينگرو ٽي چوڪ وٽ شاهد شيخ کي پسٽل جو فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، کيس ڏهرڪي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد رحيم يار خان نيو ويو. ڏهرڪي اسپتال ۾ ڳالهائيندي زخمي شاهد شيخ ٻڌايو ته ٻه سال اڳ فاطمه کي سندس مڙس حميد شيخ طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن سان سال اڳ مون شادي ڪئي. هن چيو ته فاطمه سان شادي ڪرڻ تان سندس اڳوڻو مڙس مڇرجي پيو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو، اڄ هن حملو ڪري زخمي ڪيو. ڏهرڪي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار جو نتيجو آهي، رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.



Bookmark the permalink.