تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

منهنجو خواب

منهنجو نالو مظفر سومرو آهي، آئون ٺاروشاھه شهر جو رهواسي آهيان، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هن وقت ايم بي بي ايس جو شاگرد آهيان، منهنجو خواب آهي ڊاڪٽر بڻجان غريب جو مفت علاج ڪريان.
منهنجو نالو ظھير احمد خاصخيلي آهي، آئون بدين ضلعي جي ڳوٺ مجنون خاصخيلي سان تعلق رکان ٿو، هن وقت ٻارهين جماعت جو شاگرد آهيان، منهنجو خواب آهي ته آئون هڪ سٺو استاد ٿيان.
منھنجو نالو صدام بدر خواجا آھي، آئون احمدپور شھر سان تعلق رکان ٿو، ھن وقت ڏھين ڪلاس جو شاگرد آھيان، منهنجو خواب آھي ته پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪريان ۽ان کان پوءِ آرمي آفيسر بڻجان.
منهنجو نالو مير منصور چانڊيو آهي، آئون خيرپور ناٿن شاھ سان تعلق رکان ٿو، ھن وقت اٺين ڪلاس جو شاگرد آهيان، منهنجو خواب آهي ته پھريان پنھنجي تعليم کي مڪمل ڪريان پوءِ هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻجان.

Bookmark the permalink.