تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

منشا مون کي بهتر انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪئي: جبران ناصر

ڪراچي (شوبز نيوز) هلندڙ مهيني مشهور اداڪارا منشا پاشا سان مڱڻي ڪندڙ سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر جو چوڻ آهي ته منشا سبب هو پاڻ کي هڪ بهتر انسان بڻائي سگهيو آهي. جبران ناصر پنهنجي مڱڻي کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ منشا پاشا جي حوالي سان ڳالهايو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. منشا پاشا سان مڱڻي ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي جبران ناصر جو چوڻ هو ته زندگي ۾ اوهان هڪ اهڙي مقام تي اچي وڃو ٿا جڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته هاڻي اوهان شادي لاءِ تيار آهيو، وقت به صحيح هو ۽ اسان ٻئي اهڙي فيصلي سبب بي حد خوش آهيون.



Bookmark the permalink.