تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ملڪ ۾ ڪوورنا وائرس وڌيڪ 27حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 903 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 2 لک 78هزار 305 ٿي ويو

سنڌ ۾ هڪ لک 20هزار 550، پنجاب ۾ 92هزار 873، ڪي پي ۾ 33هزار 958 متاثر رپورٽ ٿيا

حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5هزار 951 ٿي ويو، 2 لک 47 هزار 177 مريض وائرس کي شڪست ڏئي چڪا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪوورنا وائرس وڌيڪ 27حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 903نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 لک 78هزار 305 ٿي ويو، سنڌ ۾ هڪ لک 20هزار 550، پنجاب ۾ 92هزار 873، ڪي پي ۾ 33هزار 958، بلوچستان ۾ 11 هزار 732، اسلام آباد ۾ 15 هزار، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 105 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2هزار کان وڌيڪ متاثر رپورٽ ٿيا، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5هزار 951 آهي، 2 لک 47 هزار 177 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.