تازا ترين
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*
  • *ڪراچي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، وائرس جي مقامي منتقليءَ جا 7 نوان ڪيس ظاهر*
  • *چونڊڪو ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت*
  • *اسلام آباد: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري درخواست رد*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي فوري طور بحال ڪري آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * سيڪريٽري صحت کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو وڃي:عدالت *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ايم ڊي سي کي عدالت حڪم باوجود بحال نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو انگ 1625 ٿي ويو، 18 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا *گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 54 نوان ڪيس ظاهر، 4 ڄڻا فوت ٿيا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر* پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 593، سنڌ ۾ 508، خيبرپختونخواهه ۾ 195 ڪورونا جا ڪيسز ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * بلوچستان ۾ 144، اسلام آباد ۾ 51، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 128 ڪيسز رپورٽ: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر * پاڪستان ۾ 28 ڄڻا ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا: ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر *
  • * 34 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سوا 7 لکن جي لڳ ڀڳ متاثر مريض*
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا*
  • *کپرو: ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ سولر پليٽ جي بيٽري مان باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا * باهه لڳڻ سبب پورهيت هوتو، ڀٽو ۽ ٽيڪم اوڏ جي گهرن ۾ پيل اناج، بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي ويا *
  • *ٽنڊو محمد خان: هڪ شهري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز نصيرآباد پاڙي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو * ٽنڊومحمد خان انتظاميا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جي گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو* ڪورونا جي مريض کي حيدرآباد منتقل ڪندڙ ايمبولينس ڊرائيور کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو*

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيئن پکڙيو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان وفاق کان جواب طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ اندر مبينا غفلت سبب ڪورونا وائرس پکڙجڻ تي وفاقي سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ مبينا غفلت سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ خلاف سول سائٽي جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ واري معاملي جي انڪوائري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم جاري ڪري، ايران مان وڌيڪ هزارين زائرين کي فيصل آباد ۽ جهنگ آندو پيو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته زائرين کي فيصل آباد ۽ جهنگ ۾ رکڻ سان وائرس وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، عدالت زائرين کي ڪنهن ويران هنڌ منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري، تفتان مان زائرين جي لاءِ فوري طور عمارت قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته حڪومت ايران کي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، زائرين کي في الحال واپس نه اماڻيو وڃي ۽ تفتان بارڊر کي فوري طور سيل ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا وڃن. عدالت اهڙي درخواست تي وزير اعظم جي پرنسپال سيڪريٽري ۽ زلفي بخاري کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.