تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 35 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 1052 ٿي ويو

نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد مريضن جو انگ 49520 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان/بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 35 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ مجموعي انگ 1052 ٿي ويو، نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد مريضن جو انگ 49520 ٿي ويو آهي، هن وقت سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪي پي ڪي ۾ سامهون آيون آهن، جتي ڪورونا سبب 365 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 336 ڄڻا ۽ پنجاب ۾ 297 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ 39، اسلام آباد ۾ 10، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ وائرس سبب هڪ شخص فوت ٿيو آهي، اڄ ملڪ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1541 ڪيسز ۽ 35 فوتگيون سامهون آيون آهن، جن ۾ سنڌ کان 960 ڪيس ۽ 20 فوتي سامهون آيا آهن، ڪي پي ڪي ۾ 340 ڪيسز ۽ 14 ڄڻا فوت ٿيا آهن، بلوچستان ۾ 106 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، اسلام آباد ۾ 97 ڪيسز، گلگت ۾ 23 ڪيسز ۽ آزاد ڪشمير ۾ 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

Bookmark the permalink.