تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ملڪ ۾ سستا گهر فراهم ڪرڻ وڏو مسئلو آهي: اڏاوتي شعبي ۾ ڪيترائي مرحلا آهن، حڪومت تعميراتي شعبي کي پيڪيج ڏنو آهي:شبلي فراز

حڪومت نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ سنجيده آهي: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير

ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٻين مراعتن جو فائدو 31 ڊسمبر کان پهرين کڻي سگهجي ٿو: شبلي

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت اڏاوتي شعبي کي پيڪيج ڏنو آهي، اڏاوتي شعبو ملڪ جي معيشت کي هلائي سگهي ٿو، اڏاوتي شعبي سان 40 کان وڌيڪ صنعتون جڙيل آهن. شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ سستا گهر ٺهرائڻ هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ غريبن لاءِ گهر ٺاهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. هن چيو ته حڪومت نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ سنجيده آهي، حڪومت اڏاوتي شعبي لاءِ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي چيئرمين ليفٽيننٽ انور علي حيدر جي سربراهي ۾ قومي سطح تي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته بلڊرز پيڪيج مان ڀرپور فائدو کڻن، ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٻين مراعتن جو فائدو 31 ڊسمبر کان پهرين کڻي سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.