تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ گرمي پد نه وڌڻ ڪري پاڻي جا وهڪرا گهٽجي ويا. ڊيمن مان واڌو پاڻي کڻڻ جو فيصلو

تربيلا ڊيم مان پاڻي کڻت وڌائڻ بعد منگلا ڊيم مان به پاڻي وهڪرا هڪ کان سوا لک تائين وڌائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وڌڻ ڪري پنجند وٽان به سنڌ ڏانهن 3800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو

سکر(بيورو رپورٽ) ملڪ جي مٿين علائقن ۾ گرمي پد نه وڌڻ جي ڪري پاڻي جا وهڪرا گهٽجي ويا. آبپاشي مقصدن لاءِ ڊيمن مان واڌو پاڻي کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تربيلا ڊيم مان پاڻي کڻت وڌائڻ بعد منگلا ڊيم مان به پاڻي وهڪرا هڪ کان سوا لک تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي آگاهي صوبن جي آبپاشي کاتن کي ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وڌڻ جي ڪري ڪالهه پنجند وٽان به سنڌ ڏانهن 3800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ارسا جو پنجاب جي آبپاشي کاتي کي جاري خط موجب ملڪ ۾ مئي مهيني دوران گرمي پد نارمل کان گهٽ رهيو ته ملڪ جي ٻنهي وڏن ڊيمن مان پاڻي احتياط سان استعمال ڪيو ويندو ۽ صوبن جي انڊينٽ پوري رکڻ لاءِ منگلا ڊيم مان هڪ کان سوا لک ڪيوسڪس تائين کڻت وڌائي ويندي. هوڏانهن جهلم نديءَ ۾ اڳ ئي وهڪرا وڌيل آهن جنهن ڪري ڪالهه تائين پاڻي ذخيرن جي سطح 1213.2 فوٽ ٿي وئي هئي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 58513 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ کڻت وڌائي 55000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جا وهڪرا نه وڌڻ جي ڪري 48 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح ۾ ستن فوٽن جي لاٿ آئي آهي ۽ اتان کڻت وڌائي 95000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي ۽ پاڻي جي آمد 56550 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. تونسا بيراج جي هيٺاهين پاسي پاڻي جا وهڪرا 114720 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيا ويا. ڪالهه گڊو بيراج وٽ پاڻي ۾ معمولي واڌ ٿي آهي جنهن کان کانپوءِ مٿاهين پاسي 81468 ۽ هيٺاهون وهڪرو72066 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. سکر بيراج وٽان ايلوڪيشن جي ڀيٽ ۾ کوٽ گهٽجي 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي جتان ڪوٽڙي لاءِ 25850 ڇڏيو پيو وڃي. ڪوٽڙي بيراج 15700 ڪيوسڪ جي ايلوڪيشن جي ڀيٽ ۾ پاڻي 10715 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو جتي ايلوڪيشن موجب 30 سيڪڙو تائين پاڻي کوٽ موجود آهي. سکر بيراج جي چيف انجنيئر ليفٽ ارشاد احمد ميمڻ پاران هلندڙ سال لاءِ فلڊ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڪسين سکر بيراج آفتاب احمد کوسي کي سکر ضلعي جو فلڊ ايمرجنسي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجنيئر امير بخش مهر ۽ انچارج ڪنٽرول روم سکر بيراج عبدالعزيز سومرو کي سندس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايگزيڪيٽو انجنيئر ايرگيشن ويسٽ ڊويزن خيرپور پور راج ڪمار کي خيرپور ضلعي لاءِ فوڪل پرسن، ايگزيڪيٽو انجنيئر ايرگيشن روهڙي ڊويزن ڪنڊيارو نديم احمد جوکيئي ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ايرگيشن مورو سيد اعجاز شاهه کي ضلعي نوشهرفيروز لاءِ فوڪل پرسن، ايگزيڪيٽو انجنيئر ايرگيشن داد ڊويزن نياز احمد ميمڻ کي شهيد بي نظير آباد ضلعي لاءِ ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ايرگيشن هالا ڊويزن زاهد حسين قريشي کي حيدرآباد ضلعي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.