تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون 108300 رپيا تولو تي پهچي ويو: ڊالر به مهانگو

ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 500 رپين جي واڌ سان 107800 مان 108300 رپيا تولو ٿي ويو

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 167 مان وڌي 167.25 رپين واري بلند سطح تي پهتو،

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون 108300 رپين واري بلند ترين سطح تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 500 رپين جي واڌ سان 107800 مان 108300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي هڪ رپئي جي لاٿ سان 973 مان گهٽجي 972 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 167 مان وڌي 167.25 رپين واري مٿانهين سطح تي پهتو، ان ڏس ۾ واپارين جو چوڻ هو ته ڪورونا لاڪ ڊائون تائين صورتحال بي يقيني واري رهندي، عيد کانپوءِ بهتري ايندي

Bookmark the permalink.