تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ملڪاڻي شريف ۾ مهانگائي غريبن کان عيد جون خوشيون کسي ورتيون، روز مرهه جي شين جا اگهه چوٽ چڙهيل

شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ دڪاندارن روز مرهه جي شين جا اگهه پنهنجي مرضي سان مقرر ڪري شهرين کي ڦرڻ لڳا

عيد جون خوشيون کسيون ويون آهن، ٻيو ڏينهن آهي پوءِ به مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي:شهري

ملڪاڻي شريف ( رپورٽ وشال ريٻاري ) ملڪاڻي شريف ۾ مھانگائي غريبن کان عيد جي خوشي کسي ورتي، کنڊ اٽو گيھه سبزي جا اگھه غريب جي پھچ کان پري، روزمرھ جي شين جا اگھه روزانو وڌڻ لڳا، پرائيس ڪنٽرول انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي، ان ڏس ۾ ملڪاڻي شريف ۾ دڪاندار روز مرهه جي شين جا پنهنجي مرضي جا اگھه مقرر ڪري غريبن کي ڦرڻ لڳا، غريبن جون خوشيون ختم ٿي ويون آهن، ان حوالي سان سروي ۾ پورھيتن دانھون ۽ پڪارون ڪندي پنھجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن اسٽاپن جي دڪانن تي روزمرھ جي شين جا اگھه چوٽ چڙھي ويا آهن جئين ئي عيد ويجهو اچي ٿي شين جا اگھه تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، روزمرھ جي شين جا اگھه چوٽ چڙھڻ ڪري غريبن کي عيد جي خوشي ۽ خريداري وسري وئي آهي مھانگائي غريب طبقي کان عيد جي خوشي کسي ورتي آهي، اٽو کنڊ گيھه سبزي سميت روزمرھ جي واھپي جي شين جي اگھن ۾ روزانو واڌ ٿيڻ لڳي آهي جنهن ڪري غريب طبقو اڳئي ويلا ڪاٽڻ تي مجبور آهي مٿان عيد اچڻ سبب ويتر مشڪلاتن جو شڪار ٿي مايوس ٿيڻ لڳو آهي، پنهنجي اخبار جي سروي ۾ پورھيتن شھرين ويچار ونڊيندي شفيح ملڪاڻي چيو ته مھانگائي اسان کان عيد جي خوشي ته کسي ورتي آهي پر جيئن به کسي وٺندي ڇاڪاڻ ته روزمرھ جي شين جا اگھه روزانو وڌي رھيا آهن، امان الله اشرفي چيو ته ملڪاڻي شريف ۾ مھانگائي سبب دال جي پاءُ کان وٺي اڌ ڪلو اٽو غريب جي وٺڻ جي وس ۾ ناهي، عيد جي غريب ماڻهن ۾ ڪابه خوشي آهي مھانگائي سبب خوشيون رسي ويون آهن، بلاول ملڪاڻي چيو ته غريب جي عيد بس عيد نماز پڙهڻ تائين ۽ رسم تائين آهي باقي عيد جي موقعي تي طعام نوان جوتا ڪپڙا ۽ خوشي غريب جي نصيب ۾ ناهي، سڄڻ چانڊيو پنهنجي اخبار جي سروي ۾ چيو ته اڳي عيد جو شديد انتظار ۽ خوشي ٿيندي هئي پر ھن مھانگائي اسان کي ويتر پريشان ڪيو آهي، گھر لاءِ روزمرھ جو سامان وٺون يان ٻارن جا ڪپڙا وٺون بس پراڻن ڪپڙن ۾ چلھه تي چانور چڙھڻ تائين عيد جي خوشي محدود ٿي وئي آهي، سروي ۾ پورھيت شھرين مھانگائي جون دانھون ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريبن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

Bookmark the permalink.