تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ڪراچي ۾ عيد ڏهاڙي 2 عورتن سوڌو 4 ڄڻن جا لاش هٿ

ملير جي جوهر آباد ۽ ڪورنگي جي ڪيفي ڪنارا هوٽل وٽان 2 عورتن ۽ ٻن مردن جا تشدد ٿيل لاش مليا

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي ۾ عيد ڏهاڙي 2 عورتن سميت 4 ڄڻن جا تشدد ۽ گوليون لڳل لاش هٿ، ڪورنگي جي علائقي ڪيفي ڪنارا هوٽل ڀرسان عورت ۽ مرد جا گوليون لاش هٿ، عورت جي امام زادي جمالي طور سڃاڻپ، نوجوان جي سڃاڻپ راشد جي نالي سان ٿي، ٻنهي کي مقتولا جي ڀاءُ شريف فائرنگ ڪري قتل ڪيو، گوليون لڳڻ سبب مقتولا جا 2 معصوم ٻارڙا نجمه ۽ شهزاد زخمي ٿي پيا آهن، ذريعن موجب ٻنهي جو تعلق ڪشمور سان آهي، نوجوان راشد عورت امام زادي جمالي کي پسند ڪندو هو، واقعو ڪارنهن تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو، ملير ۾ پسند جِي شادي ڪندڙ جوڙو بيدردي سان قتل، جوهر آباد واري علائقي مان عيد ڏهاڙي جوڙي جا گهر مان لاش مليا: پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول زاهد ۽ سميرا ڪجهه عرصو اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، عورت جي ڀاءُ گهر ۾ گهڙي ٻنهي کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو، گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي جوڙي جا لاش هٿ ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.