تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ملير ۾ ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، ماءُ پٽ فوت

ملير (رپورٽر) ملير ۾ ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو،جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ شاھ لطيف ٿاڻي جي حد قاسم ٽيڪسٽائل مل نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو, جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار لياقت آباد ارم بيڪري جا رهواسي ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا. فوتي ماءُ پٽ گگهرکان لياقت آباد پنهنجي گهر واپس وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا, فوتين ۾ 35 ورهين جي حرا زال رضوان ۽ سندس 16 ورهين جو پٽ عباد پٽ رضوان شامل آھن, ٻئي طرف واقعي جي اطلاع تي فوتين جي گهر ۾ ڪهرام پئجي ويو , واقعي بعد پوليس پهچي ضروري ڪاروائي بعد ماءُ ۽ پٽ جا لاش پوسٽ مارٽم لاء جناح اسپتال منتقل ڪيا, جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.

Bookmark the permalink.