تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

ملير ۾ نوجوان جي قتل خلاف ساجد جوکيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

ملير (رپورٽر) ملير ۾ پير سرهندي ڳوٺ وٽ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان جي قتل خلاف پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. مڇريل نوجوانن قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪري ڇڏيو، نوجوانن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي وارثن ۽ معززين سيد خدا ڏنو شاهه، ضلعي ميمبر مجاهد جوکيو، سليم سالار سميت سوين ڳوٺاڻن پيرسرهندي ڳوٺ کان قومي شاهراهه رزاق آباد تائين پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، ايم پي اي ساجد جوکيو ڳوٺاڻن سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو ۽ فون ذريعي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪري صورتحال بابت ٻڌايو، جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪم تي ڊي ايس پي ملير سٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ ٻين معززين سان گڏ شاهه لطيف ٿاڻي پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، ساجد جوکيو چيو ته ملير جون ٻهراڙيون بدامني جي ور چڙهي ويون آهن، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، علائقا پوليس رڳو ڀتاخوري ۾ پوري آهي، هن چيو ته ايس پي ملير خلاف وڏي وزير کي شڪايت ڪندس، ٻين اڳواڻن چيو ته ملير پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، نوجوان جي قتل کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن، شاهه لطيف پوليس حد بندي جو ڄاڻائي ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.