تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ملير ۾ مزاحمت تي قتل نوجوان جي موٽر سائيڪل هٿ، قاتل گرفتار نه ٿيا

ملير (رپورٽر) ملير ۾ مزاحمت تي قتل نوجوان جي موٽر سائيڪل هٿ اچي وئي آهي، جڏهن ته قاتل اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگھيا. ٻه ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت دوران مارجي ويل پير سرهندي ڳوٺ جي نوجوان خانزيب جوکيو کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ڌڻي پرتو ڳوٺ ويجهو جهنگ مان هٿ ڪئي وئي آهي، موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ کانپوءِ خانزيب جوکيو جي وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ کوجي ڪتا گهرائي موٽرسائيڪل ڦٽو ڪندڙن جا پيرا پڻ کنيا ويا ۽ پوليس کي گڏ هلڻ لاءِ چيو ويو پر شاهه لطيف پوليس پيرا کڻندڙن سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ وارثن ٻڌايو ته ايس ايڇ او شاهه لطيف قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڦر ڪيل موٽرسائيڪل لاوارث حالت ۾ پيل آهي اسان جڏهن پوليس کي اطلاع ڪيو ته ايس ايڇ او چڪر لڳائي واپس هليو ويو آهي، شاهه لطيف جاچ پوليس پڻ مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون نه پئي ڪري، اسان آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا ته مقتول خانزيب جوکيو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.

Bookmark the permalink.