تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

ملير: هڪ شخص تي پنهنجي 14 ورهين جي ڌيءُ سان لڄالٽ جو الزام، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني

پيءُ جي لڄالٽ جو شڪار ننڍي ڀيڻ ڏيڍ مهيني جو حمل ضايع ڪرائي ڇڏيو: ناري

ماءُ منع ڪيو ته پيءُ ان کي به ڪمري ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو: سلميٰ ياسمين

ملير(رپورٽر) رت جي رشتن جي اهميت گهٽجي وئي يا انسانيت موڪلائڻ لڳي؟؟ ملير ۾ هڪ شخص تي پنهنجي معصوم نياڻي سان لڄالٽ جو الزام، نينگري ڏيڍ مهيني جو حمل ضايع ڪرائي ڇڏيو. يار محمد ڳوٺ جا رهواسي ڀيڻ ڀاءُ شاهه لطيف ٿاڻي تي پهتا، جتي ناري سلميٰ ياسمين الزام هنيو ته منهنجي پيءُ ڪجهه عرصو اڳ مونسان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، سخت مزاحمت بعد هن منهنجي ننڍي ڀيڻ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. ناري الزام هنيو ته منهنجي پيءُ ننڍي ڀيڻ کي 2 ڀيرا لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن جي شڪايت تي ماءُ پيءُ کي منع ڪيو ته هن ماءُ کي به تشدد جو نشانو بڻايو. ناري دانهيو ته 3 مهينا گذرڻ بعد 14 سالن جي ڀيڻ کي حمل ظاهر ٿيو، جيڪو ضايع ڪرايو ويو آهي. ناري اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيءُ کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ساڻس انصاف ڪيو وڃي. شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.