تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ملير لڳ پيرسن عورت ۽ همراهه جا لاش هٿ، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت

ملير (رپورٽر) ملير لڳ پيرسن عورت ۽ همراهه جا لاش هٿ، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت، ان ڏس ۾ بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ ريل گاڏي تان ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 26 سالن جو طاهر عباس فوت ٿي ويو، پورٽ قاسم ڪالوني ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب 18 ورهين جو زُبير احمد پٽ جاويد اقبال فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد فقيرا ڳوٺ چاند بنگلي ويجهو 60 سالن جي عورت جو جهنگ مان لاش هٿ آيو آهي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ٻڪرا پڙي ويجهو جهنگ مان هڪ شخص جو 7 ڏينهن پراڻو لاش ميمڻ ڳوٺ پوليس هٿ ڪيو آهي.



Bookmark the permalink.