تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

ملير ضلعي جا 2 اسسٽنٽ ڪمشنر هٽايا ويا: سنجهورو، ڊگهڙي ۾ اي سي تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت صوبي جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ کي بدلي ڪري لياري جنرل اسپتال ۾ چيف سپرينٽينڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي سرڪاري سول اسپتال ڪراچي جي ايم ايس ڊاڪٽر خادم قريشي کي بدلي ڪري کيس لياري جنرل اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سول اسپتال ۾ 20هين گريڊ جي چيف انڪالوجسٽ ڊاڪٽر نور محمد سومرو کي ايم ايس واري عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پاران ملير ضلعي جي ٻن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان حوالي سان سروسز کاتي پاران جاري ڪيل الڳ الڳ نوٽيفڪيشنز موجب ڊگھڙي جي اسسٽنٽ ڪمشنر نثار ميمڻ کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ ملير ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جتان عبداستار هڪڙو کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي. سنجھورو جي اي سي غلام فاروق سومرو کي بدلي ڪري ملير ضلعي جي مراد ميمڻ ۾ اي سي مقرر ڪري اتان مشتاق جتوئي کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.