تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ملير جي يوسي آفيس مان فرنيچر چوري جي جاچ جو حڪم

ملير(رپورٽر) يوسي چيئرمين پاران آفيس جو فرنيچر چوري ڪرڻ ۽ اسٽيل مل جون بقايائون ادا ن ڪرڻ واري خبر “روزاني پنهنجي اخبار” ۾ هلڻ بعد ملير جي يونين ڪائونسل نمبر 20 اسٽيل ٽائون جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي رڪارڊ سميت ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گونمينٽ جي آفيس ۾ روبرو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، سندس خلاف ڊائريڪٽر پاران اڄ انڪوائري ڪرائي ويندي، يونين ڪائونسل نمبر 20 اسٽيل ٽائون جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سيڪريٽري ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گونمينٽ جي آفيس ۾ روبرو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڊائريڪٽر پنهنجي ٽيم سان گڏ انڪوائري جو حڪم ڏنو جيڪا اڄ انڪوائري ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، اڳوڻي چيئرمين ۽ سيڪريٽري تي الزام آهي ته يونين ڪائونسل 20 اسٽيل ٽائون انتظاميا اسٽيل مل کي ڪرائي جي مد ۾ 10 هزار رپيا مهيني جي جي حساب سان 29 مهينن جو ڪرايو 2 لک 90 هزار رپيا ادا ناهن ڪيا ويا، ان کان سواء آفيس جو فرنيچر جنهن ۾ آفيس جي ميز ، روالونگ چيئر ، آفيس ڪرسيون ۽ ھڪ اسپلٽ ب ب آفيس مان کڻايو ويو آھي. ليٽر ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته اڳوڻي چيئرمين جو ڪائونسلرن ۽ عوام سان رويو پڻ درست نه هو جيڪا لوڪل گورنمينٽ جي قانون ڀڃڪڙي آھي.

Bookmark the permalink.