تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ملاڪاتيار: نينگر کي نانگ ڪکي وڌو، ويڪسين نه ملڻ سبب فوت

ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ويجهو نانگ جو ڪکيل معصوم نينگر وقت سر ويڪسين نه ملڻ ڪري فوت. خبر موجب ڳوٺ عارب ٻاگهل ۾ 12 سالن جي نينگر فاون پٽ حبيب الله ٻاگهل کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي ملاڪاتيار اسپتال آندو ويو پر اسپتال ۾ ويڪسين نه هئڻ ڪري نينگر کي ٽنڊومحمدخان اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب فوت ٿي ويو، وارثن موجب نينگر کي پنهنجي ڪچي گهر جي پتر ۾ ويٺل زهريلي نانگ ڪکي وڌو. نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.