تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ملائيشيائي همراهه جو موبائيل فون گم، ڀولڙا سيلفيون ڪڍندا رهيا!

ڪوالالمپور(دلچسپ نيوز) موبائيل فون جو جنون انسانن تي ئي نه پر جانورن تي به سوار ٿي ويو آهي، ان جو تازو مثال ملائيشيا ۾ ٿيل هڪ واقعي جو آهي جنهن ۾ نوجوان کي سندس موبائيل فون فوٽو گيلري ۾ ڀولڙن جون سيلفيون مليون. ملائيشيا ۾ هڪ نوجوان جو چوڻ آهي ته کيس پنهنجي موبائيل فون تي هڪ ڀولڙي جون سيلفيون ۽ وڊيوز مليون آهن. هن نوجوان جو فون گم ٿي ويو هو جيڪو کيس گهر پٺيان ٻيلي مان هٿ آيو. فون ۾ مواد موجود آهي، ان ۾ هڪ ڀولڙي جون وڊيوز به آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀولڙو موبائيل فون کي کائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو سمورو مواد فون جي مالڪ زيڪريڊز روڊزي ٽوئٽر تي پوسٽ ڪيو جنهن کانپوءِ ان کي وڏي پئماني تي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي. 20 ورهين جي شاگرد زيڪريڊز روڊزي موجب هو اهو سمجهي رهيو هو ته جڏهن هو ننڊ ڪري رهيو هو ته سندس موبائيل فون چوري ٿي ويو آهي پر اڃان تائين اهو واضح ناهي ته فون گم ڪيئن ٿي. هاڻي انهن تصويرن مان تصديق ڪري سگهجي ٿي هي فون ڀولڙن وٽ هو. فون گم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ورتل تصويرون ڀولڙن جون آهن ان کانسواءِ فون ۾ ڀولڙن، وڻن ۽ ٻوٽن جون به تصويرون موجود آهن. زيڪريڊز جو چوڻ آهي ته هو پنهنجو فون ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو ٻئي ڏينهن پيءُ گهر ٻاهران هڪ ڀولڙي کي ڏٺو جنهن کانپوءِ جڏهن هن منهنجي نمبر تي ڪال ڪئي ته جهنگ ۾ کيس رنگ ٽيون ٻڌڻ ۾ آئي اتي وياسين ته هڪ وڻ هيٺان فون پيل هو.

Bookmark the permalink.