تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مقصودو رند ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ مختلف بيمارين جو حملو، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي

مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ گهوگهي ۽ ٻين بيمارين جي حملي سبب ڀاڳيا پريشان

شير محمد بروهي جون 15، خير محمد جون 12، عادل جون 11 ٻڪريون مري ويون

مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ ٻاڪري چوپائي مال ۾ گهوگهي، ڦڦڙي، بخار ۽ ٻين بيمارين ڪر کنيو ۽ مقصودو رند جي مختلف ڳوٺن شاھ بخش مگسي، ڳوٺ ولي محمد رند خان رند، يارو رند، مراد علي رند، ٻاجهي رند، ولي محمد رند، سهجو رند سميت ڪيترن ئي ڳوٺن مالوندن خير محمد بروهي جون 12 ٻڪريون ۽ هڪ گابو، شير محمد بروهي جون 15 ٻڪريون، گل بيگ رند جي ڏيڍ لک رپين جي ماليت جي ڀلوڙ مينهن، عادل بروهي جون 11 ٻڪريون ۽ 3 ٻڪر، نور خان جون 8 ٻڪريون ۽ عبدالعزيز بروهي جون 12 ٻڪريون 5 ٻڪر ۽ مينهون، گابا ۽ ٻيو چوپايو مال مري ويو آهي ان حوالي سان ڳوٺاڻن خير محمد بروهي عبدالعزيز ۽ گل بيگ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي چوپائي مال۾ مختلف بيمارين سبب جنهن ۾ گهوگهو ۔ڦڦڙي ۔بخار زڪام ۽ ٻين بيمارين منھ ڪڍيو آهي جنهڪري اسان جو چوپايو مال مري ويو آهي اڪثريت ٻاڪري جي شامل آھي ۽ اسان جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن ۽ اسان کي لکين رپيا نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ويٽنري کاتو اگهور ننڊ ستل آهي هنن چيو ته مال مرڻ سبب اسان ڪنگال ٿي ويا آهيون هڪ ته ڪورونا وائرس سبب اسان بيروزگار آهيون ٻيو اسان جو مال مري ويو آهي ۽ اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.