تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلان لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

معصوم مروا سان وحشي جوابدارن پاران قتل بعد به زيادتي ڪرڻ جو اعتراف: 2 افغاني سوگها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙيءَ مروا جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ذريعن موجب وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وحشي جوابدارن ٻارڙي کي قتل ڪرڻ بعد به ساڻس زيادتي ڪئي ، جاچ پوليس جي ذريعن ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن عبدالله ۽ فيضو افغاني کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي جوابدار افغاني آهي، جيڪي ساڳئي علائقي ۾ رهندا آهن، جوابدارن غيرقانوني طريقي سان قومي سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرايا، جوابدار فيضو درزي آهي، جڏهن ته عبدالله ڪچرو ميڙيندو آهي، جاچ پوليس موجب جوابدار عبدالله پاڪستاني پاسپورٽ ٺهرائي برطانيا به ويو، جتي هن کي ستن سالن بعد ڊي پورٽ ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدارن خلاف ثابتيون مليون، جنهن تحت کين گرفتار ڪيو ويو، جوابدار فيضو مروا کي اغوا ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جوابدار عبدالله نينگري سان زيادتي ڪئي، جڏهن ته نينگري جي دم ڏيڻ بعد به کيس زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو، بعد ۾ مروا جو لاش ٻوري ۾ بند ڪرڻ کان اڳ ويسٽ ڪوٽ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي ٽرالي ۾ رکي، مٿان ڪچرو وجهي خالي پلاٽ ۾ اڇلايو، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.