تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

معاشرو اخلاقي قدر وڃائي چڪو آهي: نيمل خاور

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪارا نيمل خاور عباسي زيادتي واقعن تي چيو آهي ته اسان جو معاشرو اخلاقي قدر وڃائي چڪو آهي. ٽوئٽر تي نيمل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جهلم ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سان مسجد جي امام جي زيادتي، موٽروي واقعو ۽ ماورا کي زيادتي کانپوءِ ساڙڻ اهڙن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. هن لکيو ته هر ڏينه اسان سڀني جي دلين ۾ خوف سوار رهي ٿو ته ڪا بري خبر ٻڌڻ ۾ نه اچي وڃي، نيٺ ائين ڪيستائين ٿيندو، اسان مسلمان ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون. مون کي ان ڏينهن جو انتظار آهي جڏهن پياري وطن ۾ عورتون پاڻ کي محفوظ سمجهنديون.

Bookmark the permalink.