تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

مشاهدالله پاران مهوش حيات ۽ جاويد آفريدي کي سول ايوارڊ تي اعتراض

اسلام آباد: سينيٽ ۾ مسلم ليگ (نواز) جي پارلياماني ليڊر مشاهدالله خان حڪومت پاران ڏنل ايوارڊن خلاف ڳالهائيندي چيو ته مهوش حيات کي گذريل سال تمغه امتياز ايوارڊ ملڻ تي نٿو ڳالهايان، غريب ماڻهو آھيان پوڙهو به ٿي ويو آھيان، جاويد آفريدي جيڪو ڪرڪيٽ ٽيم جو سربراهه آھي ان کي ايواڊ ڪئين مليو؟ اهو اگر ڪرڪيٽ جي بنياد تي ايوارڊ ڏيڻو هو ته لاهور قلندر کي ايوارڊ ڏنو وڃي ها، جاويد آفريدي کي تمغه اميتاز ڪنهن خفيه خدمت ڪرڻ تي ڏنو ويو هوندو؟ ان جو ڪٿي نه ڪٿي نوٽيس هجڻ گهرجي جنهن تي سينيٽ چيئرمين مامرو ڪاميٽي حوالي ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزير اعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ڪرڪيٽ لاءِ ميدان ترسيل هئا ان لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ پي ايس ايل جي سمورن ڪردارن کي ملڻ گهرجي ها.

Bookmark the permalink.