تازا ترين
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

مسجد جا نشان ڏيڻ ويو هئس، قبر جي بي حرمتي ۽ فائرنگ جو الزام ڪوڙو آهي: قاري مير حسن

عمرڪوٽ: قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي قبر جي بي حرمتي جي ڪيس ۾ نامزد قاري مير حسن عطاري پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته آئون آنڙاباد ۾ صرف مسجد جا نشان ڏيڻ لاءِ ويو هئس، نه مون ڪا فائرنگ ڪئي آهي نه بي حرمتي ڪئي آهي. صالح آريسر اسان جي مٿان فائرنگ ڪئي هئي، پوليس جي انڪوائري ۾ به اهڙي ڪا ڳالھه نه ڄاڻائي وئي آهي جنهن ۾ ثابت ٿئي ته اسان آنڙاباد ۾ فائرنگ ڪئي آهي، هن چيو ته مون تي ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.