تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

مريخ تي آتش فشان مان ٽوٿ پيسٽ جهڙي گپ نڪري ٿي: سائنسدانن جي نئين تحقيق

سائنسدانن جي عالمي ٽيم مريخ جهڙو ماحول تيار ڪري آتش فشان تي تجربا ڪيا

گهٽ دٻاءُ واري ماحول ۾ گپ تيزي سان وهڻ لڳي ۽ سطح تي ٽپا ڏئي رهي هئي: ڊاڪٽر بروز

ڪراچي (دلچسپ نيوز) سائنسدانن ليبارٽري ۾ گپ تي تجربن دوران هڪ حيراني جوڳي دريافت ڪئي آهي. سائنسدانن جي هڪ عالمي ٽيم اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري هي هئي ته ڳاڙهي سياري تي آتش فشان ٽڪرين بدران گپ کي ڪيئن ڪڍي ٿو. برطانيا ۾ هڪ ليبارٽري ۾ مريخ جهڙو ماحول تيار ڪيو ويو آهي. اتي جڏهن گپ تي تجربو ڪيو ويو ته هي اٻرندڙ ٽوٿ پيسٽ جيان حرڪت ڪرڻ لڳي. هي گپ آمريڪي رياست هوائي جي مشهور آتش فشان ڪلوايا مان ڪڍيل لاوي سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. سائنسدانن جي هي نئين دريافت مريخ تي اڳ ڪيل تحقيقن جي ڪجهه نتيجن کي پيچيده بڻائي ڇڏيندي. برطانوي خابرو اداري موجب چيڪ اڪيڊمي آف سائنسز انسٽيٽيوٽ آف جيوفزڪس جي ڊاڪٽر پيٽر بروز جو چوڻ آهي ته هاڻي جڏهن اوهان خلا مان ڪجهه شين کي ڏسندا ته اوهان اهو سمجهي نه سگهندا ته هي آتش فشان لاوا آهي يا گپ وهي رهي آهي. جيستائين ڪو جيالوجسٽ حقيقت ۾ مريخ تي موجود نه هجي ۽ هٿوڙي هڻي اهو پتو نه لڳائي ان وقت اهو ٻڌائڻ ڏکيو هوندو. ڊاڪٽر بروز ڊگهي وقت کان مريخ تي وهندڙ گپ جي حوالي سان شڪ رکي ٿو ۽ ڪيترن ئي ورهين تائين هي مريخ تي نظر ايندڙ شڪلن جي تعريف کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. نيٺ ڊاڪٽر بروز مريخ تي نظر ايندڙ شڪلن جي تعريف کي تسليم ڪري ورتو ۽ اهو سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن گپ سطح مان اٻري ٿي ته ان جو انتهائي ٿڌي موسم ۾ رويو ڪهڙو هوندو. ڊاڪٽر بروز ان لاءِ برطانيا جي اوپن يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر منيش پٽيل جي ٽيم وٽ ويو جن وٽ اهڙي ليبارٽي جي سهولت موجود آهي جيڪا مريخ جهڙي ماحول کي پيدا ڪري سگهي ٿي. زمين تي گپ جو رد عمل ائين هوندو آهي جيئن پليٽ تي ٻوڙ هارجي پر مريخ تي گپ جو رويو مختلف هوندو آهي ۽ هو آتش فشان مادي جيان وهڻ لڳي ٿي. سائنسدانن جي ٽيم پنهنجي شروعاتي تجربن جا نتيجا سائنسي رسالي نيچر جيواسئنس ۾ بيان ڪيا آهن پر ان کانپوءِ پوءِ ٿيل تجربن کي هيل تائين رپورٽ ناهي ڪيو ويو. تجربن ۾ گهٽ دٻاءُ واري ماحول ۾ گپ تيزي سان وهڻ لڳي ۽ سطح تي ٽپا ڏئي رهي هئي جيئن هوا ۾ تري رهي هجي.

Bookmark the permalink.