تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مروه ڪيس:گرفتار ٻن جوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا

ٻن افغانين فيضو ۽ عبدالله جاچ دوران ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو، پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عيسيٰ نگري ۾ معصوم ٻارڙي مروه کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي، پوليس طرفان گرفتار ڪيل ٻن افغانين فيضو ۽ عبدالله جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا، ٻنهي جوابدارن جاچ دوران پوليس اڳيان ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مروه جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ رکيل بيڊ جا سيمپل ورتا هئا، ٽيسٽ دوران ٻئي سيمپل ميچ ٿي ويا، مروه جو لاش جِن ڪپڙن ۾ ويڙهيل هئي، جوابدار فيضو اُهي ڪپڙا پنهنجي دڪان تان کڻي آيو هو، پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار آهي، اُها رپورٽ ملڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.