تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مروا ڪيس: پوليس پاران مک جوابدار نواز چالان کان اڳ بيگناهه قرار: پراسيڪيوٽر جا اعتراض

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) ڪراچي جي عيسيٰ نگري واري علائقي ۾ معصوم ٻارڙيءِ مروا سان زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس جي غير سنجيدگي، پوليس ڪيس چالان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي گرفتار جوابدار نواز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي دوران پوليس پاران 2 افغاني جوابدارن فيضو ۽ عبدالله کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مک جوابدار ڄاڻايل نواز کي پيش نه ڪيو ويو، پوليس موقف اختيار ڪيو ته جوابدار نواز خلاف جاچ دوران ثابتيون ناهن مليون، انهي ڪري سان کيس بي گناهه قرار ڏنو آهي، جنهن تي پراسيڪيوٽر جوابدار نواز کي آزاد ڪرڻ واري پوليس جي استدعا تي اعتراض واري ڇڏيا، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جو چالان پيش ٿيڻ تائين ڪنهن به جوابدار کي بيگناهه قرار نه ٿو ڏئي سگهجي،جوابدار نواز کي فوري پيش ڪيو وڃي جنهن بعد پي آءِ بي پوليس جوابدار نواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر ٽنهي جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار عبدالله ٻارڙي مروا جو لاش ڪچري جي ڍير تي اُڇلايو هو، جڏهن ته عبدالله ئي واقعي واري هنڌ جي نشاندهي ڪئي هئي، اسان کي ٻنهي جوابدارن جو ڊي اين اي ڪرائڻو آهي، جنهن بعد عدالت ٽنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 26 سيپٽمبر تائين پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائپ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Bookmark the permalink.