تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

مروا ڪيس : نواز جو نالو خارج : 2 جوابدار جيل حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ معصوم ٻارڙي مروا جي زيادتي بعد قتل واري ڪيس مان جوابدار نواز جو نالو خارج، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار فيضو ۽ عبدالله کي 14 ڏينهن جي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ڪالهه اي ٽي سي معصوم مروا سان زيادتي ۽ قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس جوابدار نواز، فيضو ۽ عبدالله کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر جوابدار نواز بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار نواز خلاف ثابتيون ناهن مليون، ثابتيون نه ملڻ تي نواز جو نالو ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جوابدار عبدالله ۽ فيضو پنهنجي شروعاتي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن، جنهن بعد عدالت جوابدار فيضو ۽ عبدالله کي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ٻئي پاسي فريادي ڌُر جي وڪيل پوليس تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيس ۾ پوليس جديد طريقي سان جاچ ڪري رهي آهي، ڪيس مان جوابدار نواز جو نالو خارج ڪرڻ تي کين ڪو اعتراض ناهي ، اصل جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.