تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

مرزاپور ۾ نوجوان جي قتل خلاف مظاهرو، ماءُ جون اوڇنگارون

مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور جي اعجاز پور پاڙي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان سعادت حسين ولد مرحوم عبدالستارشيخ جي وارثن ماءُ شاھده خاتون، مسرت خاتون، مائره خاتون، نياز، عابد، توحيد ۽ ٻين مٿي تي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو، ان موقعي تي مقتول جي ماءُ صحافين اڳيان وڇنگارو ڏيئي روئي ويٺي. هن چيو ته اھلڪار نعمت الله ناريجو پنهنجي ساٿين وحيد،اڪبر ۽ ھدايت ناريجو سان گڏجي قتل ڪيو، 10 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. هنن گهر ڪئي ته نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.



Bookmark the permalink.