تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

مراد شاهه جو نالو به رپورٽ ۾ شامل: سنڌ سرڪار 4 مان سوا ارب اومني گروپ کي ڏنا

اومني گروپ جي 9 ملز کي هڪ ارب 38 ڪروڙ رپيا مليا

اسلام آباد: ڪميشن جي رپورٽ مطابق سال 18-2017 دوران سنڌ حڪومت اومني گروپ جي 9 شگر ملز سوڌو 26 شگر ملز کي مجموعي طور تي 4 ارب 12 ڪروڙ 31 لک 20 هزار جي سبسڊي ڏني، جنهن مان اومني گروپ جي 9 شگر ملز کي 1 ارب 38 ڪروڙ 98 لک 30 هزار رپين جي سبسڊي ڏني وئي، جن ۾ لاڙ شگر ملز کي 14 ڪروڙ 86 لک، انصاري شگر ملز کي 18 ڪروڙ 21 لک، ٽنڊوالهيار شگر ملز کي 14 ڪروڙ 45 لک، باواني شگر ملز کي 18 ڪروڙ، نئون ديرو شگر ملز کي 13 ڪروڙ 69 لک، نيو دادو شگر ملز کي 18 ڪروڙ 35 لک، سڪرنڊ شگر ملز کي 6 ڪروڙ 8 لک، چمبڙ شگر ملز کي 18 ڪروڙ 55 لک، کوسڪي شگر ملز کي 16 ڪروڙ 73 لک رپيا سبسڊي ڏني وئي، ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي ڊي ڊبليو جي ٽن شگر ملز کي مجموعي طور تي 35 ڪروڙ 55 لک جي سبسڊي ڏني، جن ۾ جي ڊي ڊبليو ٽي شگر ملز گهوٽڪي کي 18 ڪروڙ 59 لک، اي ڪي ٽي گلف شگر ملز کي 18 ڪروڙ 60 لک، ڏهرڪي شگر ملز کي 16 ڪروڙ 95 لک، جڏهن ته آر واءِ ڪي الائنس ۾ شامل شگر ملز جي گروپ جي 13 شگر ملز کي مجموعي طور تي 2 ارب 19 ڪروڙ 36 لک رپين جي سبسڊي ڏني وئي، جن مان سانگهڙ شگر ملز کي 8 ڪروڙ 18 لک، خيرپور شگر ملز کي 13 ڪروڙ 61 لک، ٻانڌي شگر ملز کي 15 ڪروڙ 69 لک، راڻيپور شگر ملز کي 16 ڪروڙ، حبيب شگر ملز 17 ڪروڙ 51 لک، مهراڻ شگر ملز 18 ڪروڙ 47 لک، شاهمراد شگر ملز 18 ڪروڙ 49 لک، آرمي ويلفيئر شگرملز 18 ڪروڙ 50 لک، سنڌ آبادگار ملز 18 ڪروڙ 50 لک، فاران شگرملز 18 ڪروڙ 55 لک، النور شگرملز 18 ڪروڙ 57 لک، العباس شگرملز 18 ڪروڙ 58 لک، ميرپورخاص شگرملز کي 18 ڪروڙ 59 لک رپين جي سبسڊي ڏني وئي، ڪميشن جي رپورٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو نالو به ڏنو ويو آهي ۽ اهڙي سبسڊي کي بنا جواز سبسڊي ڏيڻ قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڪميشن سبسڊي جي حوالي سان سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو پر هن موقف اختيار ڪيو ته ڪميشن کي طلب ڪرڻ جو اختيار ناهي.

Bookmark the permalink.