تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

”مذهبي جي بنياد تي شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي“اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

عيسائي مذهب ۾ شراب منع آهي، تنهنڪري پابندي لڳائي وڃي: درخواست

وفاقي سرڪار به شراب ڪيس ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ”مذهب جي بنياد تي شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي“ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس ۾ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، ڪيس ۾ وفاقي سرڪار به پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان يونائيٽڊ ڪرسچن موومينٽ ۽ سينٽر فار رول آف لا درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عيسائي مذهب ۾ شراب منع ٿيل آهي، عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته مذهب جي نالي تي شراب جي وڪري جي اجازت تي پابندي لڳائي وڃي. درخواستگذار جي وڪيل عيسائيت جي نالي تي شراب جا 340 لائينسس رکندڙن جي فهرست به عدالت ۾ پيش ڪئي.

Bookmark the permalink.